سڪندر خان کوسو

سڪندر خان کوسو

سڪندر خان کوسو

سڪندر خان کوسو: نامور شاعر، فقير منش صوفي مير سڪندر خان ولد مير بهادر خان کوسو 1916ع ڌاري ڳوٺ بهادرپور، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. مير سڪندر پنهنجي ڀائرن ۾ ننڍو هو. پاڻ شروع واري زماني ۾ جيڪب آباد جي نمايان سياسي شخصيت طور سڃاتو ويندو هو، ڇو ته ڪيترائي سال ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو وائس پريذيڊنٽ رهيو هو، پر پوءِ سندس اندر جي صوفي انسان اميريءَ واري زندگيءَ کي تياڳڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ ڪنهن ڳولا ۾ نڪري پيو. اهڙيءَ طرح درگاهه ٿلهه شريف (صادق آباد) پهتو، جتي خواجه گل محمد ’غريب نواز‘ جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. اهڙي ڪامل بزرگ جي صحبت ۾ رهي هن جو اندر اُجرو ٿي پيو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي مرشد سان عقيدت جو اظهار بار بار ڪيو آهي.
هو هڪ خدا ترس ۽ دورانديش انسان هو. سندس ڪلام ۾ پيار، محبت، حسن ۽ عشق جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ان سان گڏوگڏ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ ڪيتريون نعتون لکيون اٿس. غزل، ڪافيون نهايت پختيون چيون اٿس. سندس ڪلام سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ گهڻو آهي.
سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’پنهون پاڻ'>سڀ ۾ پنهون پاڻ‘ ڇپيل آهي، جيڪو نامور اديب عنايت بلوچ ترتيب ڏئي ڇپرايو آهي.
سنڌ جي هن فقير منش شاعر 28 مئي 1975ع تي وفات ڪئي. کيس پنهنجي ڳوٺ جي مسجد شريف جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس مزار تي قبو جوڙايو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.05.28  عيسوي

سنڌ جي هن فقير منش شاعر 28 مئي 1975ع تي وفات ڪئي. کيس پنهنجي ڳوٺ جي مسجد شريف جي ڀر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس مزار تي قبو جوڙايو ويو آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سليم بچاڻي
سانوڻ سنڌي
حافظ شيرازي
رسول حمزه توف
حاجي حقير ابن مڱڻ
ديدڙ شاهه محمد
سيد محمد شجاع ثاني
پروين شاڪر
فقير عبدالله مسڻ صوفي
صاحب ڏنو فاروقي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون